اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وزيرستان ۽ فاٽ?? سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي خدشن کي پوري طرح ٻُڌو ويندو، جمع?? ڏينهن ??ن ڪئميره اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ويندي. قومي اسيمبلي ۾ وزيرستان ۽ فاٽ?? سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته ان جي خدشن تي ٻڌل ان جي ڳالهه کي پوري طرح ٻُڌو ويندو ۽ ان جي پوري طرح مطمئن ڪيو ويندو. هن چيو ته پوري قومي اسيمبل?? کي جمع?? ڏينهن ??ن ڪئميره بريفنگ ڏني ويندي، ميمبر چاهيندا ته اهي سوال به ڪري سگهندا. هن چيو ته قطعي طور ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿيندي جنهن ??ان صورتحال خراب ٿئي پر صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀر??ور ڪوشش ڪئي ويندي.