اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئ??ن پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئ??ن پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئ??ن پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئ??ن جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿي جن آئ??ن ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، آئ??ن آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئ??ن کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئ??ن هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئ??ن وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سم??جي معاهدو آهي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئ??ن ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئ??ن ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئ??ن جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.