??سل??م آباد ??? 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پري?? ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي صدر جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، ??سل??مي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن معاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، و??پارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ محمد ??صف کي ڪاروباري معاملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ محمد ??صف انڊونيشيا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته معاملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ملڪ محمد ??صف صدر کي انڊونيشيا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي معاملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.