اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره ??يو آهي، ته پاڪستاني قوم اڄ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملها??ي رهي آهي ته جيئن ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور ??ي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره ??يو ته پاڪستان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن ??يو ته يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪشميرين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن ??يو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تعل?? رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ۾ حمايت ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن ??يو ته عالمي برادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشميرين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.