اسل??م آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان هڪ خصوصي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. و??ير??عظم ڪشمير سان يڪجهتي جي تيارين جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪسمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان و??ير??عظم کي بريفنگز ڏنيون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي و??ير??عظم چيو ته ڀارت گذريل 75 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪري رکيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ق??من کانپوءِ ڪشميرين کي ڀت سان لڳايو ويو ۽ تازن ڏينهن ۾ ڀارت جي ڪشميرين تي ظلمن ۾ وڌيڪ تيزي آئي آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. و??ير??عظم چيو ته ڪشميرين جو آواز پوري دنيا ۾ پهچايو ويندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تائين پاڪستاني قوم سان سک نه ويهندي. و??ير??عظم هن سال ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي کي موثر انداز ۾ ملهائڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن جي نمائندن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي تيارين جي حوالي سان بريفنگز ڏنيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ ريليون، واڪ، تصويري نمائشون، تقريرن مقابلا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ريلوي ۽ هوابازي وا??ي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مواصلات وا??ي وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، تعليم وا??ي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وا??ي وفاقي امين الحق، و??ير??عظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي صلاحڪار قمر زمان ڪائره، و??ير??عظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.