اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت تر??ن لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪ??ل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.