اسلام آب??د ?? 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ??ه ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ??ه جعل?? خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قومي نقصان جو به سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي ک?? رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. واضح رهي ??ه جعلي خط ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.