اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اع??يٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ن??ڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اع??يٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيو?? وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيو?? وڃن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.