گڏيل ??ومون – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته گڏيل ??ومن ۾ ان جي مشن جو بنيادي مقصد بين الاقوامي طور تي تسلم ڪيل تڪراري علائقي ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي حق خوداراديت جو تحفظ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائن??ي منير اڪرم گڏيل ??ومن جي سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عالمي اداري جي مختلف فورمن تي پنهنجي ملڪ جي فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ هن چيو هو ته تڪراري ڪشمير کي گڏيل ??ومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل ??ومن جي چارٽر ۽ قراردادن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام گڏيل ??ومن جي نگراني ۾ آزادانه ۽ منصفانه راءِ جي ذري??ي پنهنجي حق خوداراديت کي استعمال ڪري ڪندا.