نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته آئُون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۽ ان موقعي تي ٿيندڙ ملاقا??ن ۾ دنيا کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ انساني المي?? بابت آگاهه ڪندس. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته آئُون نيويارڪ پهچي چڪو آهيان، دنيا آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪندس ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندس.