اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي د??رو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي د??ري جي موقعي تي بلاول ??ٽو زرداري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادارن جي نمائندن پڻ ٻوڏ کان متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.