راولپنڊي – 13 –; آگسٽ (اي پي پي) راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر نديم رئوف آزادي جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه ۽ ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي هڪ قوم بڻجي پاڪستان جو مستقبل سنوارڻو پوندو، نئين دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصورن جي ??وش??ي ۾ عزم، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان پاڪستان کي هڪ مضبوط معاشي قوت بڻائينداس??ن. ??ن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي ترقي لاءِ عملي قدم کڻندي، واپاري برادري پاڪستان ٺاهيندڙن ۾ شامل آهي ۽ ان جي بقاءَ ۽ سلامتي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، اسان کانپوءِ آزاد ٿيندڙ م??ڪ اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ?? اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن.