اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽل?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائ?? جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽل?? جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پاڪست??ن جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي ??عا??لن بابت هڪ جهڙائ?? جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽل?? جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪار?? جي شعبي ۾ لا??اپ?? کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائ?? جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪ??ي آهي. وزيراعظم افغانست??ن جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ ک??ن جاري پاڪست??ن جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني وڌي. اٽل?? جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽل?? جي وچ ۾ موجوده لا??اپ?? کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.