ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اس??ن جي ڀائرن ۽ ڀي??رن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حم??يت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اس??ن جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀي??رن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ?? قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ ج?? لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ ج?? لاءِ استحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.