اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي آ??ادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ڊ??ئر??ڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ ڪلچر ايم سي آ??ي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏينهن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو ويندو جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار ٻار حصو وٺندا. ايم سي آ??ي جي اسپورٽس اينڊ ڪلچر شعبي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آ??ي عرفان نواز ميمڻ خاص مهمان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏينهن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اسلام آباد ۾ ٿيندي. ٻئي طرف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان انتظامن جو جائزه اجلاس خميس ڏينهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اسلام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فائنل سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ايس ايس پي آ??ري??نز، ايس ايس پي ٽريفڪ، اسپيشل اينڊ سيڪيورٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.