سيالڪوٽ – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دن??ا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جو مقصد مودي سرڪار پا??ان ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ان جي خصوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ آرٽيڪل 370 ج?? غيرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پا??ان ڪشمير جي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ڪشمير ۾ مودي سرڪار پا??ان آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير جي الڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کانپوءِ واديءَ ۾ مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.