اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي مح??سب جي فيصلي جي ??لا?? پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪندي سروس رهتن مان ضابطي جي ??لا?? ڪٽيل 5 لک رپين جي پينشن جي رقم رٽائرڊ ملازم کي واپس ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪستان پوسٽ آفيس کي سروس رهتن مان ضابطي جي ??لا?? ڪاٽيل 5 لک رپين کان وڌيڪ جي پينشن جي رقم مارچ 2020ع تي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازم کي واپس ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي ۽ ان کي اداري پاران بي ضابطي قرار ڏنو آهي. صدر وفاقي مح??سب جي فيصلي جي ??لا?? پاڪستان پوسٽ آفيس جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن ۾ وفاقي مح??سب پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ڪاٽيل پينشن بقايا ادا ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پينشنر جي محنت سان ڪم??يل آمدني آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ان جو بنيادي حق آهي، قانون کان مٿانهون پينشنر کي رقم جي هڪ حصي کان به محروم نه ٿو رکي سگهجي، پينشن ايڪٽ 1871ع تحت پينشن کي ضبط يا قرق نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان پوسٽ شڪايت ڪندڙ جي پينشن رهتن مان 5 لک 2 هزار 272 رپين جي رقم بنا جواز وصول ڪئي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ وفاقي مح??سب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان پوسٽ آفيس جي سروس رهتن مان غيرمنصفاڻي طور تي 5 لک 2 هزار 272 رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي. وفاقي مح??سب اپريل 2021ع ۾ ڏنل فيصلي ۾ پاڪستان پوسٽ کي شڪايت ڪندڙ کي 45 ڏينهن ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي هئي. پاڪستان پوسٽ فيصلي تي عملدرآمد بدران صدر وٽ مح??سب جي فيصلي جي ??لا?? درخواست داخل ڪري ڇڏي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي مح??سب جي فيصلي کي برقرار رکيو?? حڪم جي 30 ڏينهن منافعي جي شرح سان رقم واپس ڪرڻ جي پڻ ه??اي?? ڪئي.