اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ??ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس اح??د خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار اح??د کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپخت??نخ??اهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. و??ير??عظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ و??ير??عظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.