اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ۾ جا??اني ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته جا??اني ڪمپنين کي درپيش سمورا مسئلا هڪ هفتي جي اندر حل ڪري کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان جا??اني ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته جا??اني وفد کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جو جلد دورو ڪن، پاڪستان ۾ جا??اني ڪمپنيون پنهنجي سيڙپڪاري سان ايڪسپورٽ انڊسٽري جي قيام تي ڪم ڪن،ٿر ۾ ڪوئلي، چنيوٽ ۾ لوهه جا ذخيرا، قابل تجديد توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اهي ملاقات وزيراعظم جي سمورين مقامي ۽ عالمي ڪاروباري ۽ واپاري اسٽيڪ هولڊرز سان بجيٽ جي سلسلي ۾ ملاقاتن جي هڪ ڪڙي آهي، جا??اني وفد ۾ پاڪستان ۾ جا??ان جي سفير ميستو هيرو واڊا، جا??اني ڪمرشل اتاشي ۽ سمورن وڏن صنعتي ۽ واپاري شعبن ۾ ڪم ڪندڙ جا??اني ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، مفتاح ??سماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. جا??اني ڪمپنين وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان کانسواءِ جا??اني ڪمپنين اليڪٽرڪ وهيڪل مينو فيڪچرنگ، فوڊ پراسيسنگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽ??ئي?? سيڪٽر، ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ جا??ان 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته جا??ان جي ترقي پوري دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان – جا??ان تعاون کي فروغ ڏئي پاڪستان جا??ان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهي ٿو.