اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو اظه??ر ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظه??ر ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چي?? ته پاڪ چين دوستي تي حملو ??يو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظه??ر ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.