اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ??ئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته ??ئين رياست جي هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهوريت تي حاضري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته ??ئين جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته ??مهوري ق??تن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جمهوري ق??تن کي آمريت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنا?? هيروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهوريت جي گمنا?? هيروز آئين جي تقدس جي لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وساري هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.