اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لا??ِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فلسطين جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض ا??ما??ڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لا??ِ پاڪستان آيل آهي. فلسطيني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مس??ما?? امت جي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ عدم استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ تي سنگين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزيراعظم فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لا??ِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين جو الميو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پوري دنيا جي مس??ما??ن جي لا??ِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، فلسطيني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير ا??ما??ڪي فلسطين تي پاڪستان جا اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ فلسطين جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ??ري?? جي وچ ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.