اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ??يندڙ پريس ريليز موجب راولپنڊي رنگ روڊ 38.3 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 ڦاڪن تي ٻڌل هوندو. رنگ روڊ تي انٽرچينج به تعمير ٿيندا. راولپنڊي رنگ روڊ جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. متبادل رستي جي طور تي رنگ روڊ جي ڪري ??سافرن جي وقت ۽ خرچ جي بچت ٿيندي. منصوبي جي ڪري روزگار جا مو??عا فراهم ٿيندا ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو. وزيراعظم ان مو??عي تي خطاب پڻ ڪندو.