اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارتي رياست ڪرن??ٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪند?? چيو آهي ته اسان جي ڳڻتي هاڻي والاريل ڄمون ?? ڪشمير تائين محدود ناهي رهي، ڪرن??ٽڪ جو واقعو ان جو واضح ثبوت آهي، بي جي پي سرڪار جي ناروا پاليسين جي ڪري خطي جي امن کي درپيش خطرن جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ظلمن طرف اسان عالمي برادري جو ڌيان مسلسل ڇڪرائيندا رهيا آهيون جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هر ڀي??ي چئي چڪو آهي ته اسان کي اس??ام?? فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي شديد ڳڻتي آهي. هن چيو ته نيامي ۾ منعقد، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 47 هين اجلاس ۾ پاڪستان نه رڳو اس??ام?? فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جي خلاف آواز بلند ڪيو پر اس??ام?? فوبيا جي خلاف متفقه طور تي منظور ٿيندڙ قرارداد به پاڪستان پيش ڪئي. اسان جا خدشا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ڪرن??ٽڪ جو واقعو ان جو ثبوت آهي، اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته هندستان ۾ حجاب جي نالي تي ٻارڙين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪيو پيو وڃي، شاهه محمود قريش?? چيو ته هندستان ۾ اقليتن سان مسلسل ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رهيو جيڪو انتهائي ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي، هندستان هڪ طرف پاڻ کي سيڪيولر ازم ۽ جمهوريت جو علمبردار چورائيندو آهي ۽ ٻي طرف لباس تي پابنديون لڳايون پيو وڃڻ. پرڏيهي وزير چيو ته هندستان ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا، اسان جو پنهنجو هڪ تمدن آهي ۽ هڪ تهذيب آهي، ڪالهه جيڪو ڪرن??ٽڪ ۾ ٿيو اهو هندستان ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هو دٻايل ضرور آهن پر جيڪڏهن هو دٻجي خاموش به رهيا ته ظلم جو سلسلو بند نه ٿيندو، شاهه محمود قريش?? چيو ته کين پنهنجي بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته ڪرن??ٽڪ ۾ پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪريان ٿو، آئون اڄ انساني حقن جي علمبردار تنظيمن جو ڌيان ڪرن??ٽڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي طرف ڇڪرائڻ چاهيان ٿو، اڄ خاموش نه رهو هندستان ۾ تعليم پرائيندڙ انهن ٻارڙين لاءِ آواز اٿارين جنهن کان تعليم حاصل ڪرڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون هندستان ۾ رهندڙ سيڪيولر سوچ جي حامل طبقن کي به چوندس ته هو پنهنجي ملڪ جي تشخص کي بچائڻ لاءِ مسلمان اقليت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي خلاف آواز بلند ڪن، شاهه محمود قريش?? چيو ته انشاءُ الله 22/23 مارچ تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس منعقد ٿيندو. ان اجلاس ۾ فسلطين مسئلي، ڪشمير مسئلي، اس??ام?? فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بحث هيٺ ايندا، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اسان مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم کي ڪهڙي طرح موثر انداز ۾ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.