اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ??لي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي ح??ثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهن. وزيراعظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ??لي عهد محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو.