اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ??يالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار??ڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري ??ياست ۽ پاڪستاني شهري ??ن بي رحم??ڻي واقعي جي مذمت ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري ??هي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل سازش آهي. گستاخ رسول ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قا??ون موجود آهي، هر مجرم کي قا??ون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا واقعا بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.