ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغان??تا?? جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغان??تا?? ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغان??تا?? جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغان??تا?? جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪ??تا?? ۽ چين جهڙا ملڪ افغان??تا?? ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغان??تا?? ۾ ڪابه پرڏيهي مداخل?? نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغان??تا?? ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪ??تا??ي وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ??تا??، قطر ?? ٻيا جيڪي به ملڪ افغان??تا?? ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغان??تا?? ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ?? ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ??لڪ افغان??تا?? ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغان??تا?? ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغان??تا?? ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي ??اقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.