اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي علائقي چمن ۾ عيدگاهه ويجهو بم ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽس موجب ڌماڪ?? افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي والده جي فاتحه خواني دوران ٿيو. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڌماڪي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن گ??وپ تسليم ناهي ڪئي.