اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري ره??ا آهيون، ڪنهن به معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ اخلاقي قدر تمام اهم هوندا آهن، پاڪستان ۾ ٻن وڏن خاندانن ملڪ کي بيدردي سان ڦريو ??هي?? گذريل ٽن سالن کان طاقتور طبقي کي قانون جي طابع آڻڻ جي جدوجهد ڪري ره??ا آهيون، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي، غريب ملڪن جي اشرافيه مني لانڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بابت اڪرام سهگل جي ڪتاب ”اي پرسنل ڪرونيڪل آف پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڪرام سهگل محب وطن ليکڪ آهي ۽ سندس لکڻين کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن، ملڪي حالتون ڏسي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ڄاڻان ٿو، ان لاءِ پنهنجي جدا سياسي ??ارٽي ٺاهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو ??هي?? جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ويندا آهن. هن چيو ته غريب ملڪن جي اشرافيه مني لانڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ کان اڳ ملڪي سياسي ??ظام بابت وڌيڪ چاڻ نه رکن??و هئس، شروع ۾ پيپلزپارتي ۽ (ن) ليگ جي قيادت شموليت جي دعوت ڏني، نواز شريف ۽ زرداري کي انهن جي ڪرپشن تي چئلينج ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان وڏن انسانيت جي لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون، قومون سدائين انهن کي ياد رکن ٿيون جيڪي انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو درد رکندا آهن، اسان جي ايمان جو حصو آهي ته ??زت الله تعاليٰ پاران ملي ٿي، ڪنهن به ڪم ۽ وڏي مقصد جي لاءِ مثبت سوچ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ ??هي?? جن جي موثر استعمال جي ضرورت ??هي?? ملڪ جي ترقي لاءِ اسان سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪم جي ضرورت ??هي?? ملڪ ۾ سياحت جو تمام گهڻو پوٽينشل آهي جنهن جي فروغ جي لاءِ ڪم جي ضرورت ??هي?? اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورت آهن. وزيراعظم چيو ته حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نه، الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي لاءِ موڪليو ??هي?? ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري ره??ا آهيون.