اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آ??ي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آ??ي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سدائين انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آ??ي، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گ??ٽ رقم جو آ??ي، انهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.