اسلام آباد ??? 09 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب 77 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 54 سيڪڙو، لاهور ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 900 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 660، پنجاب ۾ 17 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 128، اسلام آباد ۾ 4 هزار 370، بلوچستان ۾ 873، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 477 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ا??گ 8 لک 69 هزار 691 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 371 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ا??گ 44 هزار 987 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ا??گ 9 لک 36 هزار 131 آهي.