جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ??لي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو.