اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ مخالفن ک??ن به ووٽ گهرڻ ويندس، جي??و اليڪشن وڙهندو آهي اهو پُراعمتاد ئي هوندو آهي، مقابلو سخت آهي پر الله خير ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ ميڊيا سينٽر ج?? افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ يوسف رضا گيلاني وٽ ووٽ گهرڻ وڃي سگهان ٿو ته پوءِ س??ني وٽ وڃي سگهان ٿو. ميڊيا پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ ان جي ضرورت جو خيال رکنداسين، ??ڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وڙهڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي??و اليڪشن ۾ لهندو آهي اهو پراعتماد ئي هوندو آهي. هن چيو ته مقابلو ته سخت آهي، الله خير ڪندو.