اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته مديني جي رياست جو تصور مان پوري ??رح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسلسل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان قوم جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پري ناهي ۽ تمام جلد ان جا مثبت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ انساني?? حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي يوم والادت جي موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پي?? ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهين?? مبارڪ اسان سڀني جي لاءِ ر??مت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پي??ام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنا?? حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آهي جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي ر??مت ۽ همدردي جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيين جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائين جي نظام ۽ انسانن جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيين جي سڄي زندگي جهد مسلسل، انسانيت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخري ??ي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظام جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 سئو سال پهرين پنهنجي زندگي جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنهن جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.