اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان و??ئرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان و??ئرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان س??ڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??داد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ت??داد 11 هزار 864 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??داد 3 لک 32 هزار 186 آهي.