اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي ۾ م??دني وسيلن جي دريافت ۽ انهن جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ ڪوشش?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي حڪومت ??ي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، معدني وسيلن کي صوبي جي عوام جي خوشحالي ۾ آڻڻ کي يق??ني بنايو وڃي، هو بلوچستان صوبي جي معدني وسيلن کي ڪتب اڻڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽ?? ع??دالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار ليفٽننيٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سميت ٻين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.