اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ??ري ??ڏيا آهن. ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي م??ن جاري ??يل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 319 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 22 هزار 434 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجاب ۾ 9 هزار 603،خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 556، اسلام آباد ۾ 3 هزار 04، بلوچستان ۾ 473، گلگت ????تس??ان ۾ 276، آزاد ڪشمير ۾ 275 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 340 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت ????تس??ان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وق?? وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 112 مريض آهن، هن وق?? سڄي ملڪ ۾ گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 8 هزار 748 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 95 هزار 372 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 290، بلوچستان ۾ 12 هزار 804، گلگت ????تس??ان ۾ 2 هزار 832، اسلام آباد ۾ 15 هزار 579، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 971، پنجاب ۾ 96 هزار 699 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 179 مريض آهن.