اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم ??نڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم ??نڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمران خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جم??وريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هي?? نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمران خان 2018ع ۾ اقتدار س??ڀا??يو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.