اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس کي نئون ڇانگامانگا بڻائيندا ته عوام جي نفرت کي منهن ڏيڻو پوندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وف??قي وزير چيو ته جيئن ئي واقعي جو پتو پيو پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ڪارڪنن کي تحمل ۽ بردباري جو درس ڏيندي سنڌ هائوس خالي ڪرڻ جو چيو، ه?? چيو ته پر ا??و سچ آهي ته عوام جي جذبن سان کيڏڻ بند ڪريو ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪريو.