اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دورن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سامهون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪتي وزير فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آ??ي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ته پنهنجي دور ۾ جعلي س??وي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور ??شه???? هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دوران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آ??ي. اڄ بلاول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آ??ي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آ??ي.