اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمور??ن سياسي پارٽين جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وز??ر فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحاف??ن سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته انهن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ به تيار آهي، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثا??ت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمور??ن سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وز??ر چيو ته سياسي پارٽين جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.