اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي ع??يم بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جي ٻڌايل ا??ول?? کي اختيار ڪرڻو آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزادي، جدا ۽ خودمختيار ??ياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار ??ي ڪري پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو آهي. صدر عارف علوي قائداعظم جي 145 هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي اتحاد، تن??يم ۽ يقين محڪم جي اهم ا??ول?? تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشح??لي جي لاءِ اسان کي نظم ۽ ضبط، ڀائيچاري ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن، قوميتن، اقليتن ۽ هر شخص کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي خوشح??لي جي لاءِ معاشري جي نظرانداز ڪيل طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ ع??يم ۽ مض??وط ملڪ بڻائينداسين، پوري قوم محسن پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.