لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۾ م??اقات ٿي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي ??ري?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ا??واڻن پنجاب ۾ جاري فلاحي ۽ ترقياتي منصو??ن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر پنجاب حڪومت جي فلاحي منصوبن جي واکاڻ ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار صدر کي ڊينگي جي پکيڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصو??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.