اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمري??ا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن ??رڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏ?? برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙ??ڪا??ي ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ??يون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿيندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.