تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخد??م شا??ه محمود قريشي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ پرڏيهي ??زا??ت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخد??م شا??ه محمود قريشي پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي مع??مل?? تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي ??زا??تي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوال?? سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مع??مل?? تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.