نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلاموفوبيا سميت نسل ??رس??ي جي سڀني حاضر دور جي قسمن جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت ??هي?? اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ا??ڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل ??رس??ي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي ??رس??ي جي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته نسل ??رس??ي اسان جي گڏيل انسانيت جي نفي ??هي?? پرڏيهي وزير چيو ته نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پرتشدد قوم??رس??ي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو ??هي?? هن چيو ته نيو نازي ازم ۽ ٻين پرتشدد قوم??رس?? گروهن جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدانن جي نسل ??رس??اڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻهن جي خلاف ا??تيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو ??هي?? جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو ??هي?? پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي عملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپيل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ڏيندڙ ٻين مظلوم نسلي ۽ مذهبي گروهن جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙن جي ثقافت، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اسلامو فوبيا سميت نسل ??رس??ي جي سڀني عصري قسمن جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالمي اتحاد بڻايو وڃي.