اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ مواصلات جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويو، هاڻي صنعت کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي، مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن منصوبي سان لا??ن لا??ز کي چار سيڪڙو تا??ين گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جيڪا پهرين 17 سيڪڙو جي ويجهو هئي. هڪ سيڪڙو لا??ين لاسز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي جيڪو ??جل?? جي صارفين کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي، سي پيڪ پاڪستان جي لا??ِ وڏو اهم منصوبو آهي، ان تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.
وزيراعظم عمران خان مٽياري کان لاهور 660 ڪي وي ٽرانسميشن لا??ين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته 886 ڪلوميٽري ڊگهي منصوبي جي سڀ کان وڏي خوبي ان جي جدت آهي ۽ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي سان ??جل?? جي ٽرانسميشن جا لا??ن لا??ز 4 سيڪڙو جي ويجهو آهن جڏهن ته ان کان اڳ ملڪ ۾ لا??ن لا??ز جي شرح 17 سيڪڙو آهي، هن چيو ته هڪ سيڪڙو لا??ن لا??ز جو مطلب اربين روپين جو نقصان آهي ۽ لا??ن لا??ز وڌڻ سان سڌو سنئون عوام متاثر ٿيندي آهي ڇو ته اهو لا??ن لا??ز عوام کي برداشت ڪرڻا پوندا آهن.
وزيراعظم چيو ته منصوبي سان ??جل?? جي پهچ جا نقصان گهٽ ٿيندا ۽ اهو منصوبو تمام جلد پنهنجي قيمت پوري ڪري وٺندو، وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ چين جي صدر جو هڪ فليگ شپ پروگرام آهي جنهن تي پاڪستان ۾ تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري ڪجهه مسئلا درپيش هئا پر هاڻي سي پيڪ منصوبا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پهرين ??جل?? جي پيداوار، پوءِ رستن جي تعمير ۽ هاڻي ??جل?? جي ٽرانسميشن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته لا??ن لا??ز جي ڪري ??جل?? موجود هجڻ جي باوجود صارفين تا??ين سپلائي ۾ مشڪل آهي جيڪو تڪليف جو سبب آهي جنهن جو سبب ٽرانسميشن جا مسئلا آهن. وزيراعظم چيو ته مٽياري کان لاهور 4 هزار ميگاواٽ ??جل?? جي پهچ جو اهو منصوبو لا??ن لا??ز ۾ گهٽتائي جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو،
هن چيو ته سي پيڪ پاور جنريشن ۽ رستن جي تعمير کانپوءِ هاڻي ٽرانسميشن جي مرحلي تا??ين پهچي چڪو آهي جنهن کانپوءِ صنعتڪاري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن قومي دولت ۾ اضافي سان ملڪي قرض واپس ڪري سگهجن. هن چيو ته صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پنهنجي آمدني وڌائي ملڪ جا قرض گهٽ ڪنداسين.
وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سي پيڪ منصوبن جي رفتار هاڻي وڌيڪ تيز ٿيندي، ڪورونا وائرس جي وبا سان جيڪي مسئلا درپيش هئا سان جي لا??ِ امتحان هئا، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي سطح تي سپلائي چين جو نظام متاثر ٿيڻ جي نتيجي ۾ غذائي مصنوعات جون قيمتون وڌيون آهن جي عا??ضي آهن. وزيراعظم چيو ته ويڪسين جي ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو پيو وڃي جنهن سان ان جو خوف به گهٽ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم تيزي ٿيندو ۽ مهانگائي ج?? عا??ضي مسئلا به ختم ٿيندا.