اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀ??رت?? فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتي?? جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي مي?? کسڻ ۽ پوءِ ا?? جي گهرڀاتي?? جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستا?? جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀ??رت?? اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سيد علي گيلاني جي تدفي?? جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻه?? جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.