اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آه??، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آه??، ڇا ٻنهي پارٽين جي ??ٽي?? سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول ز??دا??ي جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپلزپارٽي به خوب پ??سو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پ??سو ٺاهي وينداسين، پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ڪشمير ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آه??، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آه??ن، ٽئي?? نمبر تي ن ليگ آه?? ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آه??؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.