لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس ??ائ??نڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون ??دمتون ??رانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس ??ائ??نڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان سندس ??ائ??نڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهڙيون ??يماريون پکڙجنديون ??هن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس ??ائ??نڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.